تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-05-17 عيسوي تاريخ ۾


1545.05.17ع :  امين محمد -اول- هالائي مخدوم: مخدوم امين محمد -اول- ، حضرت مخدوم نوح سرور عليه الرحمة جو فرزند ۽ گاد... وڌيڪ پڙهو 1810.05.17ع :  مير شير محمد خان جو جنم 17 مئي 1810ع ۾ ميرپور خاص ۾ ٿيو ... وڌيڪ پڙهو 1852.05.17ع :   جيد عالم، مولانا عبدالرحمان ولد عنايت الله ڌامراهي جو جنم 27 رجب 1268هه/ 17 مئي 1852ع تي ڳوٺ ڌامراه... وڌيڪ پڙهو 1931.05.17ع :   شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مشھور شارح ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي نياڻي ۽ مشھور تعليمدان گل ڇڳ... وڌيڪ پڙهو 1932.05.17ع :  ناليواري تعليمي ماهر ۽ ليکڪا زبيده قادري، 17 مئي 1932ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ... وڌيڪ پڙهو 1937.05.17ع :  احمد سلطان چانڊيو: چانڊيا قبيلي جو سردار ، 17 مئي 1937ع تي ، ’ غيبي ديري ‘ ۾ ڄائو . نواب غيبي ... وڌيڪ پڙهو 1937.05.17ع :  عبدالرحمان پليجو 17 مئي 1937ع تي ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙاٻاريءَ ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1949.05.17ع :   ارڏي اتراديءَ جو اصل سندس اصل نالو ارصلاح ولد ڪوهدل باجڪاڻي آهي . 17 مئي 1949ع تي ڳوٺ گلواڻي تعلقي... وڌيڪ پڙهو 1952.05.17ع :   بالي ووڊ جي مشهور سنڌي ڊائريڪٽر شيام رامسيءَ 17 مئي 1952ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1958.05.17ع :  آسر فقير 17 مئي 1958ع تي وفات ڪئي... وڌيڪ پڙهو 1981.05.17ع :  17 مئي 1981ع ۾ ڇهه سال جلاوطنيءَ کانپوءِ حسينا شيخ جڏهن بنگلاديش پهتي ته ڍاڪا جي هوائي اڏي تي بنگلاد... وڌيڪ پڙهو 1990.05.17ع :  عبدالرئوف عروج 17 مئي 1990ع ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ڇهالي ڪوڏين سان راند **

ڇهالي ڪوڏين سان راند (ڇوڪرين جي هڪ راند): ڇوڪريون ڇهالي ۾ ڇهه ڪوڏيون کڻنديون آهن، پر ستالي ۾ ست ڪوڏيون کڻي راند ڪنديون آهن. انهن ۾ هڪ ڪوڏيءَ جا پٺا گسائي ٻه اکيون يا نشان ٺاهينديون آهن. ان ڪوڏيءَ کي ڌوڏر يا دائر يعني داءَ واري ڪوڏي سڏبو آهي. هيءَ راند گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڇوڪريون يا وڌيڪ به کيڏنديون آهن. پهرين ڇهه ئي ڪوڏيون کڙڪائي پٽ تي اڇلي، داءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. داءَ جو مطلب ٿيو ڇهه ئي ڪوڏيون اونڌيون پٽ تي پون. جنهن جون ڪوڏيون اونڌيون پيون، سا دائر ڪوڏي سان ٻين ڪوڏين کي چٽيندي. سڀئي ڪوڏيون چٽجي ويون ته هٿ جي آڱر بند ڪري وري ٻيو ڌڪ اڇليندي، ايستائين جو پنج ئي آڱريون بند ٿيڻ کانپوءِ وري ڌڪ اڇلي ڪوڏيون چُٽي، اهي آڱريون مٺ مان کوليندي، جيڪڏهن چٽڻ ۾ گُٿي ته ٻي ساهيڙي هلندي، پر جي پوريون سڀ ڪوڏيون مٿئين نموني چٽي وئي ته پوءِ هڻندي ڇئنڇڪتر (ڇهه ڇهن خاطر). اهو ڌڪ ڪوڏيون مٿي اڇلي انهن کي هٿ جي پٺ آڏي ڏئي ڇوڪريءَ کان پڇندي ته هاڻي ڪنهن کي چٽيان؟ هوءَ جيڪڏهن ڪوڏين جو ٻٽو جوڙو پيو هوندو ته ٻيون ڪوڏيون کڻي ڇڏيندي، اشارو ڪنديس ته هن ڏکيءَ ويٺل ڪوڏيءَ کي چُٽ! پوءِ جي چٽي وئي ته راند کٽيائين ۽ جي نه چٽ....وڌيڪ پڙهو